سول سوسائٽي

سول سوسائٽي: سول سوسائٽي اجتماعي طور مختلف مڪتبهء فڪر جي ماڻهن تي مشتمل هڪ حلقو هوندو آهي. Civil Society لاطيني ٻوليءَ جو اصطلاح/ لفظ آهي. سول سوسائٽي هڪ روايتي رياستي سرشتي، پيداواري قوتن ۽ ملڪي حاڪميت کان جدا ۽ آزاد ماڻهن جو ميڙ آهي، جيڪو سماج جي ٻين مختلف ادارن ۽ سرشتن جي سهڪار سان عوام جي سياسي، معاشي، نظرياتي، ثقافتي ۽ ٻين لاتعداد سوچن جي اظهار جو ذريعو بڻجي ٿو. جڏهن ته عام طرح سول سوسائٽيءَ جو تصور انساني سماج ۾ فرض جي ادائگيءَ، قانون ۽ انساني حقن جي احترام تي به زور ڏئي ٿو. اوڻيهين صديءَ جي وچ ڌاري رياستي اختيارين ۽ سماج جي باشعور حلقن ۾ موجود فرق کي ڏسندي، آزاد فرد، تنظيم ۽ ادارن جي الڳ سڃاڻپ تي زور ڏنو ويو، جڏهن ته هاڻوڪي دؤر ۾ سول سوسائٽيءَ کي ڪنهن به رياست ۾ جمهوري اصولن جي پاسداريءَ لاءِ هڪ اهم جزو سمجهيو ويندو آهي. روايتي طور غير سرڪاري تنظيمون هن حلقي ۾ اهم مقام حاصل ڪري چڪيون آهن ۽ غير روايتي سماجي ميڙ، تنظيمون، گروهه، سماجي اوسر ۽ ڀلائي لاءِ جاکوڙيندڙ فرد سول سوسائٽيءَ جو حصو ٿي چڪا آهن. اهي ڌريون گڏجي فرد ۽ ادارن کي رياستي ۽ آمريتي جبر کان تحفظ ڏيارڻ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪن ٿيون. ڪجهه رياستن ۾ غير معياري حڪمراني ۽ سياسي انتشار کي نظر ۾ رکندي، غير سرڪاري تنظيمن کي ماحولياتي ۽ انتظامي شعبن ۾ اهميت حاصل رهي آهي، جنهنڪري کانئن قانون سازيءَ جي عمل ۾ پڻ مدد ورتي ويندي آهي، جڏهن ته سول سوسائٽي سڄيءَ دنيا ۾ تنقيد جو نشانو به ٿيندي رهي آهي، پر هن وقت به بين الاقوامي امن اڀياس جي حوالي سان سول سوسائٽيءَ کي خاص اهميت آهي


لفظ سول سوسائٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو